اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ شين جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ سپلاءِ چين کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم حڪومت جي انهن سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندا.