اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سول سروسز ريفارم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اها ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جو مقصد پاڪستان جي بيورو ڪريسي ۾ سڌارن ۽ ان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪميٽي سول سروسز جي ڍانچي ۾ ڪلسٽر بيسڊ سسٽم لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سرڪاري شعبي ۾ پيشيور ماڻهن جي شموليت جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي موثر انداز ۾ حل ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير احسن اقبال نشاندهي ڪئي ته ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن جون مهارتون سندن عهدن سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. هن چيو ته سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي بهترين حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير مختلف وزارتن ۾ فني ماهرن جي شديد کوٽ جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته ان کوٽ کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن سرڪاري ادارا گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن. هن انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين فني شعبن ۾ پيشيوراڻي گروپس جي دائري کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن سول سروس ۾ فني صلاحيتن جو بنياد مستحڪم ڪري سگهجي. احسن اقبال سول سروس ۾ داخلا لاءِ انگريزي زبان کي لازمي مضمون بڻائڻ جي فيصلي تي نظرثاني جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن چيو ته هر سال ڪيترائي باصلاحيت شاگرد صرف انگريزي جي پرچي ۾ ناڪامي سبب مقابلي جي امتحان کان رهجي وڃن ٿا، جيڪڏهن انگريزي قابليت جو معيار هجي ها ته اسان جي سول سروس دنيا جي بهترين سول سروس هجي ها. هن چيو ته انگريزي کي عام شهري ۽ اڪثريتي آبادي خلاف اڻبرابري واري هٿيار طور استعمال ڪيو ويو آهي. هن تجويز ڏني ته اردو زبان کي به سي ايس ايس واري امتحان ۾ لازمي مضمون طور اختيار ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن قومي زبان کي هٿي ملي ۽ قومي سڃاڻپ کي اجاگر ڪري سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اسان کي 1973ع جي سول سروس ماڊل تي ٻيهر غور ڪرڻو پوندو. هاڻي زمانو ۽ گهرجون بدلجي چڪيون آهن، اڄ جو شهري وڌيڪ باخبر ۽ بااختيار آهي ۽ ان جون اميدن به وڏيون آهن. ان لاءِ اسان کي اهڙي سول سروس گهربل آهي جيڪا جديد گهرجن موجب چست، فعال، ڪارڪردگي تي ٻڌل ۽ عوام لاءِ موثر جوابده هجي.