لاڙڪاڻو-04 اپريل (اي پي پي) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن ۽ منشور جي تڪميل ۾ آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ پاڪستان جي دشمن قوتن جي اکين ۾ چڀندڙ عوامي ليڊر جو عدالتي قتل ته ڪيو ويو پر سندس محبت ۽ عشق ماڻهن جي دلين مان ڪڍي نه سگهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلمان امت جو هڪ عظيم اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي ڪردار ذريعي عالمِ اسلام جي اتحاد ۽ اتفاق جو عملي مثال قائم ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو به انهن ئي سامراجي قوتن جي سازشن جو شڪار ٿي ۽ اڄ به، عوام، پاڪستان ۽ اسلام مخالف قوتون پيپلز پارٽي کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهن ٿيون.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن، جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ چيو ته ملڪ جي خودمختياري، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي پهريون متفقه آئين ڏنو، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکيو ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار سڃاڻپ ڏني.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾، پاڪستان اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي راهه هموار ڪئي. شهيد ڀٽو مزدورن، هارين ۽ پٺتي پيل طبقي کي حق ڏنا ۽ انهن کي بااختيار بڻايو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قدمن سان تعليم، صنعت ۽ دفاعي شعبن ۾ اهم ترقي ٿي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي. اهو وقت پري ناهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو وزيراعظم هوندو ۽ عوام جا سمورا مسئلا حل ڪندو.