اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي عظيم عوامي اڳواڻ، جمهوريت جي باني ۽ عوامي حقن جي محافظ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس ورسي جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عهد ساز شخصيت هو جنهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪيو ۽ عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ اقتدار جو مالڪ بڻايو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان 1973ع جو متفقه آئين حاصل ڪيو جيڪو اڄ به ملڪ جي جمهوري نظام جي روح ۽ بقاءَ جي ضمانت آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو هميشه عوامي حقن ۽ جمهوري قدرن کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي اصولن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي آمريت ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سندس خدمتن جو اعتراف نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي پڻ ڪيو ويندو آهي. هو اهڙو اڳواڻ هو جنهن پٺتي پيل طبقي کي آواز ڏنو، عام ماڻهو کي طاقتور بڻايو ۽ ملڪ کي جديد صنعتي ۽ اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ پوري قوم شهيد ڀٽو جي خدمتن کي ياد ڪندي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. شهيد ڀٽو جو نالو پاڪستان جي سياسي تاريخ جي سونهري باب ۾ لکيو ويندو ۽ سندس قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.