دبئي – 04 اپريل (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊڪپ ڪواليفائر 2025ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايونٽ 9 کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستاني وومين ٽيم آئرلينڊ وومين خلاف 9 اپريل تي شروعاتي ميچ سان مهم جي شروعات ڪندي، ڪواليفائر ٽورنامينٽ جون ٽاپ ٻح ٽيمون ڀارت ۾ شيڊول ورلڊڪپ ۾ جاءِ ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪنديون. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊول تحت وومينز ورلڊڪپ ڪواليفائر 2025ع ٽورنامينٽ 9 کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 6 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون، ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن ۾ ميزبان پاڪستان، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ٿائيلينڊ ۽ بنگلاديش شامل آهن.