نئين دهلي-04 اپريل (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ (بي سي سي آئي ) جي اهتمام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . انڊين پريميئر ليگ ۾ ڇنڇر تي وڌيڪ 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيمن وچ ۾ ايم اي چڊمبرم اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿيندو ،چنائي سپر ڪنگز کي توراج گائيڪواڙ ليڊ ڪندو جڏهن ته دهلي ڪيپيٽلز جي اڳواڻي آڪشرپيٽل ڪندو. ٻئي ميچ ۾ پنجاب ڪنگز ۽ راجستان رائلز جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ۽ اها ميچ مهاراجه يادوندراسنگهه انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ملان پور، چندي ڳڙهه ۾ کيڏي ويندي. پنجاب ڪنگز کي شرياس آئير ليڊ ڪندو جڏهن ته راجستان رائلز کي سنجو سيمسن ليڊ ڪندو .واضح رهي ته ليگ جو اهو 18 هون ايڊيشن آهي جيڪو ڀارت ۾ جاري آهي.