بيروت – 04 اپريل (اي پي پي) لبنان جي سامونڊي ڪناري واري شهر سدون تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ فلسطيني عسڪريت پسند اڳواڻ پنهجي ٻن ٻارن سميت مارجي ويو. فلسطيني اڳواڻن موجب سدون جي رهائشي علائقي ۾ هڪ فليٽ تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ مارجي ويلن ۾ فلسطيني اڳواڻ سندس پٽ، ڌيءُ ۽ هڪ عورت شامل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب علائقي ۾ هڪ عمارت جي چوٿين ماڙ تي واقع فليٽ ۾ ڊرون حملي کان پوءِ باهه لڳي جنهن سبب اپارٽمنٽ بلاڪ ۽ پسگردائي جي عمارتن کي پڻ نقصان پهتو جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. لبنان جي سرڪاري ميڊيا موجب حملو مقامي وقت موجب صبح جو 3:45 منٽن تي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي پويان ٻه ٻيا ڌماڪا ٿيا. ايمرجنسي ورڪرز متاثر عمارت جي ڀنجو مان ٽي لاش ڪڍيا آهن. لبنان جي صحت واري وزارت ان حملي ۾ چئن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي جن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي. لبناني اڳواڻن ان حملي جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيل ان کي اڻ اعلانيل راڪيٽ فائر جو جواب قرار ڏنو آهي.