واشنگٽن – 04 اپريل (اي پي پي) آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيو چيو آهي ته آمريڪي ٽيرف عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سڄي دنيا جي اٽڪل هڪ سو ملڪن مان آمدني واپار تي ڳرا ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ قدمن کانپوءِ پنهنجي پهرين بيان ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه نئين آمريڪي اوڳاڙين کي واضح طور تي عالمگيريت لاءِ هڪ وڏو خطرو قرار ڏيندي آمريڪي حڪومت تي زور ڏنو ته هو پنهنجن واپاري حصيدران سان گڏجي ڪم ڪري. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ ترقي جي رفتار سست پئجي چڪي آهي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي جيڪي عالمي معيشت کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، اسان آمريڪا ۽ ان جي واپاري شراڪتدارن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو واپاري ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ ۽ غير يقيني واري صورتحال کي گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪم ڪن.