اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانمار ۾ تازي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ ميانمار جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ميانمار جي سفير وناهان سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان ميانمار ۾ تازي زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ متاثر خاندانن جي بحالي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان حڪومت خيمن، دوائن ۽ ٻئي امدادي سامان تي ٻڌل 35 ٽن جي هڪ کيپ خصوصي اڏام جي ذريعي موڪلي چڪي آهي ۽ ضرورت موجب وڌيڪ سامان پڻ موڪليو پيو وڃي. پاڪستان ميانمار جي لاءِ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهي. ميانمار جي سفير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. ميانمار جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ميانمار دوست ملڪ آهن ۽ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي تعاون تي ميانمار جي قوم توهان جي ٿورائتي آهي.