اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن، جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي جيڪا 4 اپريل جمعي ڏينهن ملهائي پئي وڃي، پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي ويزن موجب هڪ ترقي يافته، خودمختيار ۽ عوام دوست ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد ڀٽو هڪ عظيم مدبر، جرئتمند اڳواڻ ۽ عوام جو حقيقي نمائندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ترقي، خودمختياري ۽ عوامي ڀلائي جي رستي تي گامزن ڪيو. صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي پهريون متفقه آئين ڏنو، هن پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار تشخص ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي راهه هموار ڪئي. صدر چيو ته شهيد ڀٽو مزدورن، آبادگارن ۽ پيڙهيل طبقي کي حق ڏنا ۽ انهن کي بااختيار بڻايو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قدمن جي ڪري تعيلم، صنعت ۽ دفاعي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين ۽ پاڪستان جي خودمختياري، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن وچن ڪريون ٿا ته پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي ويزن موجب هڪ ترقي يافته، خودمختيار ۽ عوام دوست ملڪ بڻائينداسين.