اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو، اسان ان جي جمهوري، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب سان پنهنجي وابستگيءَ کي ورجايون آهن. پ پ ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄوڪي افسوس جي ڏينهن اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪو پاڪستان جو پهريون سڌيءَ ريت چونڊيل وزيراعظم هو، جنهن شڪست کاڌل قوم کي مايوسين مان ڪڍي نئين زندگي ڏني، جڏهن قوم مايوس هئي ۽ پاڪستان کي 1971ع ۾ هڪ زبردست سانحو ڏسڻو پيو هو تڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فولادي حوصلي سان قيادت سنڀالي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن هڪ وِکريل ملڪ کي سنڀاليو، عوام جا حوصلا بلند ڪيا ۽ پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو، ان جي سفارتي بصيرت سبب 90 هزار جنگي قيدين کي ڀارتي قيد مان واپس آندو ۽ شمله معاهدي تحت 5 هزار چورس ميل جو علائقو واپس حاصل ڪيو، هي ڪارنامو اسان جي تاريخ ۾ بي مثال آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي معيشت، زراعت ۽ صنعت ۾ انقلاب برپا ڪيو، پورهيت طبقي کي بااختيار بنايو ۽ کين حق ڏنا، ان جي انقلابي ليبر سڌارن ۽ زرعي سڌارن عام ماڻهوءَ کي عزت، وقار ۽ زمين جي ملڪيت ڏني. بلاول ڀٽو چيو ته هن پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ متفقه آئين ڏنو جنهن جمهوريت ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ڏني. ان جي ايٽمي ٽيڪنالاجيءَ ۾ خدمتن پاڪستان جو بچاءُ محفوظ ڪيو ۽ ان جي متحرڪ پرڏيهي پاليسي پاڪستان کي مسلم دنيا ۽ عالمي برادريءَ ۾ هڪ باوقار آواز عطا ڪيو. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان ان جي عظيم قربانين کي ياد ڪريون ٿا ته اسان ان جي جمهوري، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب سان پنهنجي وابستگي ورجايون ٿا. شهيد ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي.