ڪراچي-03 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عيد جون موڪلون ختم ٿي چڪيون آهن هاڻي جاري ترقياتي منصوبن جي ڪم کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ ۽ شاهراهه ڀٽو جي دوري دوران ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ جاري وڏن ترقياني منصوبن جي رفتار ۾ تيزي آندي وڃي ته جيئن منصوبا وقت تي مڪمل ٿي سگهن. هن ڄام صادق انٽرچينج، قائدآباد انٽرچينج ۽ شاهراهه ڀٽو واري منصوبي جو معائنو ڪيو ۽ انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو. معائني دوران وڏي وزير منصوبي جي ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني ته ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ته جيئن منصوبا وقت تي مڪمل ٿي سگهن. هن منصوبي جي ٽيم کي چيو ته عيد جون موڪلون ختم ٿي چڪيون آهن هاڻي ڪم کي مڪمل رفتار سان اڳتي وڌائڻ جو وقت آهي.وڏي وزير جي دوري جو هڪ اهم مقصد جام صادق انٽرچينج جو معائنو هو جيڪو ٽريفڪ لاءِ هڪ اهم لنگهه آهي. شروع ۾ هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو هو، پر وڏي وزير ان منصوبي کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن علائقي ۾ ٽريفڪ دٻاءُ گهٽائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وڏي وزير مراد علي شاه شاهراهه ڀٽو تي ڪازوي جي ويجهو تعمير هيٺ چوراهي جو پڻ جائزو ورتو ۽ انکي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن لاڳاپيل آفيسرن کي چيو ته ڊيفنس ۽ عائشه مسجد لڳ ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بنائڻ لاءِ مؤثر حل ڳوليا وڃن ته جيئن شهرين ۽ مسافرن کي ڪا به پريشاني نه ٿئي. هڪ اهم اڳڀرائي تحت وزيراعلي وڏي وزير شاهراهه ڀٽو کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪراچي سي پورٽ سان ڳنڍڻ جو منصوبو پيش ڪيو. هن وضاحت ڏني ته هي منصوبو ملڪ ۾ سامان جي مؤثر ٽرانسپورٽ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.هن منصوبي جو مقصد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي شاهراهه ڀٽو سان ڳنڍڻ آهي جنهن سان لاجسٽڪس نظام ۾ بهتري ايندي ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. مراد علي شاهه ييلو لائن جام صادق پل جو دورو ڪيو ۽ اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي هدايت ڏني ته هن منصوبي کي ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن عملدارن کي چيو ته ڄاڻايل ٽريفڪ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تفصيلي نقشا تيار ڪيا وڃن، جيڪي ايندڙ اربع يا خميس تي ٿيندڙ اجلاس ۾ بحث لاءِ پيش ڪيا وڃن .قائدآباد انٽرچينج جي دوري کان اڳ وڏي وزير شاهراهه ڀٽو ٽول پلازه تي پاڻ ٽول ٽيڪس ادا ڪري قانون جي پابندي جو مثال قائم ڪيو. قائدآباد انٽرچينج جي دوري دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انٽرچينج جي اچ ۽ وڃ جا ريمپس مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اپريل جي آخر يا مئي جي پهرين هفتي تائين آپريشنل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن مسافرن جي سهولت لاءِ انٽرچينج کي جلد کان جلد ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وڏي وزير قائدآباد کان سمون ڳوٺ تائين چار ڪلوميٽر ڊگهي ايليويٽڊ روڊ جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڏني جيڪا سمون ڳوٺ ۾ انساني آبادگي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. ڪراچي جي شهري انفراسٽرڪچر ۾ تبديلي جي دوران وڏي وزير جو دورو سنڌ حڪومت جي ان عزم کي اجاڳر ڪري ٿو ته هو پاڪستان جي وڏي شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ روڊن کي ڳنڍڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ انهن اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تيزي آڻيندا. وڏي وزير سان سينيئر وزير شيرجيل ميمڻ، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني ۽ ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ گڏ هئا.