لاڙڪاڻو-03 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي (اڄ) 4 اپريل تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي پ پ طرفان جلسه عام منعقد ڪيو ويو آهي. جنھن کي پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي لاءِ هڪ وڏو اسٽيج ٺاھيو ويو آهي، جنھن کي پارٽي جي جهنڊن، پارٽي اڳواڻن جي تصويرن، بينرن ۽ پينافليڪس سان سينگاريو ويو آھي. لاڙڪاڻو پوليس طرفان ورسيءَ ۽ جلسي جي موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان 8،500 پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ 30 ايس ايس پيز، 4 اي ايس پيز، 60 ڊي ايس پيز، 140 انسپڪٽرز، 366 سب انسپڪٽرز، 410 اي ايس آئيز، 690 ھيڊ ڪانسٽيبلز، 5600 پوليس اھلڪار، 300 ليڊيز اھلڪار، 200 ايس ايس او ۽ 700 ٽريفڪ اهلڪار شامل آهن، سيڪيورٽي پلان جي مطابق ڳڙھي خدابخش ڀٽو ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس، ٽريفڪ ، ليڊيز آفيسرز ۽ ايس ايس يو ڪمانڊوز جي وڏي تعداد کي مقرر ڪيو ويو آھي. ورسي جي تقريب ۽ جلسي جي نگراني لاءِ آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس سميت پوليس ۽ انتظاميه طرفان گڏيل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي جتي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي طرف پ پ ضلعي، شهر ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي استقبالي لاءِ نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۽ لاڙڪا ڏانهن ويندڙ رستن تي استقبالي ڪئمپُون لڳايُون ويُون آهن، جڏهن ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو جي لاڙڪاڻو پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي ۾ نه رڳو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ پر پوري دنيا مان وفد شرڪت ڪندا. هن چيو ته ورسي جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ورسي جو جلسو شام 6 وڳي شروع ٿيندو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو. ڪئنالن واري معاملي تي پ پ پ پهرين ڏينهن کان وفاق جي هڪ طرفي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ آئيني فورمن تي اعتراض ڪري هر فورم تي آواز اٿاريو آهي.