مونٽي ڪارلو _ 03 اپريل (اي پي پي) مونٽي ڪارلو ماسٽرز ٽينس ٽورنامنٽ 6 اپريل کان مناڪو ۾ شروع ٿيندي. ٽورنامنٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. اهو مونٽي ڪارلو ماسٽرز ٽينس جو 118 هون ايڊيشن هوندو. جيڪو مونٽي ڪارلو ڪنٽري ڪلب ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامنٽ ڪلي ڪورٽ ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ ٽينس جي دنيا جا مشهور رانديگر ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪندا. اي ٽي پي ٽينس ايونٽ ۾ مينز سنگلز ۽ مينز ڊبلز مقابلا ٿيندا. ٽورنامنٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ يوناني مشهور ٽينس رانديگر اسٽيفانوس پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو جڏهن ته ڊبلز مقابلن ۾ سينڊر ڪيلي ۽ سندس هم وطن جوڙي دار جوران ولڪن تي ٻڌل بيلجيئم جي جوڙي پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪندي. ٽورنامنٽ 6 اپريل کان شروع ٿي 13 اپريل تي ختم ٿيندي.