گڏيل قومون – 03 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نئين مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عاصم افتخار احمد کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو مقرر ٿيڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته عاصم افتخار احمد 27 نومبر 1966ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. هن سفير منير اڪرم جي جاءِ ورتي آهي جيڪو 31 مارچ تي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي جي حيثيت سان عهدو ڇڏيو. پنهنجي موجوده مقرري کان اڳ عاصم افتخار احمد فرانس ۽ موناڪو ۾ پاڪستاني سفير ۽ نومبر 2022ع کان ڊسمبر 2024ع تائين گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جي مستقبل نمائندي طور خدمتون انجام ڏنيون. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سميت پرڏيهي وزارت ۾ مختلف عهدن تي مقرر رهڻ کان اڳ هو 2017ع کان 2021ع تائين ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جي سفير ۽ گڏيل قومن جي ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن (اي ايس سي اي پي) جي مستقل نمائندي طور خدمتون انجام ڏنيون. اي پي