ويلنگٽن – 03 اپريل (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ھڪ ڏينھن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي بي اوول، مائونٽ مونگانوئي ۾ کيڏيو ويندو. نيوزيلينڊ کي پاڪستان خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلاتي سرسي حاصل آھي. ڪيوي ٽيم پھرين ون ڊي ميچ ۾ گرين شرٽس کي 73 رنسن تان جڏھن ته ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 84 رنسن تان شڪست ڏني ھئي. ان کان اڳ ميزبان ڪيوي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي پنج ٽي-20 ميچن جي سيريز ۾ 4-1 تان شڪست ڏني ھئي. پاڪستان جي ٽيم هِن وقت نيوزيلينڊ جي دوري تي آھي جتي ھو ميزبان ٽيم خلاف پنج ٽي-20 ۽ 3 ھڪ ڏينھن واري عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي جن مان پنج ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏي وئي آھي جنھن ۾ ميزبان ڪيوي ٽيم 4-1 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي جڏھن ته ون ڊي سيزيز جون ٻه ميچون کيڏيون ويون آھن. جن ۾ نيوزيلينڊ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي. ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي بي اوول، مائونٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي.