ينگون-02 اپريل (اي پي پي) ميانمار ۾ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 2800 کان وڌي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب رياستي انتظامي ڪائونسل جي معلوماتي ٽيم موجب ميانمار ۾ گذريل جمعي تي آيل 7.9 جي شدت واري زلزلي سبب فوتگين جو انگ 2886 ٿي ويو آهي، 4639 زخمي ۽ 373 اڃان تائين گم آهن. ميانمار ريڊڪراس سوسائيٽي جي صدر ٻڌايو ته موجوده امدادي ڪاررواين ۾ اهم چئلينجن ۾ آفتن جي سڃاڻپ ۽ لاجسٽنڪ ڪوآرڊينيشن شامل آهن. وڌيڪ چيو ته متاثر علائقن ۾ حفاظتي خدشن سبب ريسڪيو ٽيمن کي سامان جي ورهاست ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، خاص ڪري وڏي مشينري جي کوٽ آهي.