لاهور – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچستان جي موجوده اقتصادي، سماجي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم شهباز شريف کي صوبي جي ترقي جي حوالي سان موجوده منصوبن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان جي ترقي وفاقي حڪومتن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.