لاهور – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ کنيل قدمن جي اڳڀرائي ۽ افغان رهواسين جي وطن واپسي جي عمل جي اڳڀرائي جي حوالي کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران لاڳاپيل وزارت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.