ميانوالي – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ حفيظ الله نيازي ۽ انعام الله نيازي جي وڏي ڀاءُ سعيد الله نيازي جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ انهن جي گهر ويو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ڀائرن حفيظ الله نيازي ۽ انعام الله نيازي سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعيد الله خان نيازي هڪ باوقار سياستدان هو، سندس لاڏاڻي تي اسان کي دلي افسوس آهي، سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.