لاهور – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم انهن اڳواڻن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب جي گورنر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر پڻ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.