لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس، ايراني سپريم ليڊر ۽ ايران جي عوام کي دلي جي گهرائين سان عيد جون واڌايون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرا ڀائراڻا ناتا آهن ۽ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان هو واپار ۾ واڌ مان فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏوگڏ کين سرحدي سلامتي جهڙن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ويجهي سهڪار ڪرڻ جي به ضرورت آهي. گذريل سال نيويارڪ ۽ قاهره ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم، ايران سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.