لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندن قوم کي عيد جون واڌايون پيش ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل سال آڪٽوبر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دؤري جو حوالي ڏيندي ٻه طرفه ناتن جي هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ملائيشيا سان ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم هلندڙ سال مئي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوالالمپور جي ايندڙ دؤري جي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ٻه طرفن ناتن جي سلسلي ۾ اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته دؤري جي ڪاميابي کي يقيني بنائڻ لاءِ تياريون جاري آهن. وزيراعظم محمد شهباز پنهنجي ملائيشين هم منصب جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو هلندڙ سال ملائيشيا جي دؤري جو منتظر آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي دؤرو ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان ٽيليفون تي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.