اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ رحمتن کان پوءِ مٺي عيد، الله تعاليٰ جو انعام آهي. عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته عيدالفطر جو ڏهاڙو اسان کي ايثار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪٻئي جي ڏُک ۽ غم ۾ شريڪ ٿيڻ جو پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته عيد جي خوشين ۾ انهن ماڻهن کي به ياد رکڻ گهرجي جيڪي ڪنهن مصيبت جو شڪار آهن. هن مبارڪ ڏهاڙي تي اسان کي مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي نه وِسارڻ گهرجي، اسان ڪشميرين ۽ فلسطينين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. وفاقي وزير چيو ته اچو ان موقعي تي اسان سڀ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان متحد ٿي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.