نواب شاه-30 مارچ(اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت سان بلاول هائوس ۾  ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پيپلز پارٽي ويمن ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور پڻ ان موقعي تي موجود هئي، ملاقات دوران صوبي جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي وارن منصوبن ۽ ٻين درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. صدر آصف علي زرداري حڪومت کي هدايت ڪئي ته عوام کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي جڏهن ته ترقياتي منصوبن کي پڻ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.