هيملٽن-30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻيو ون ڊي ميچ 2 اپريل تي هيملٽن ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. نيپئر ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف 73 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پاڪستان جي ٽيم محمد رضوان جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، نسيم شاه، سلمان علي آغا، عبدالله شفيق ۽ حارث رئوف شامل آهن. نيوزيلينڊ کي مائيڪل بريسويل ليڊ ڪندو جڏهن ته  ڊيرل مچل، جيڪب ڊفي، مارڪ چيمپئن، ول ينگ، ول اوروڪ پڻ ٽيم ۾ شامل آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 05 اپريل تي کيڏي ويندي. واضح رهي تي نيوزيلينڊ ان کان اڳ ٽي 20 سيريز ۾ پاڪستان کي 4-1 تان شڪست ڏني هئي.