اسلام آباد -30 مارچ(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ شهيد ميجر سعد بن زبير جي گهر وڃي شهيد جي والد،والده ۽ ٻين ڪٽنب ڀاتين سان ملاقات ۽ شهيد لاءِ فاتحه خواني ڪندي شهيد کي سندس بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. وفاقي گهرو وزير شهيد ميجر سعد جي والد، والده ۽ ڀاءُ کي دلاسو ڏنو ۽ انهن جي بلند حوصلن جي تعريف ڪندي چيو ته قوم کي شهيد ميجر سعد جي لازوال قربانين تي ناز آهي. گهرو وزير چيو ته شهيد ميجر سعد بن زبير جي بلند حوصلا والدين کي ڏسي اسان جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. شهيد جي والدين جو جذبو تعريف جوڳو آهي. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ميجر سعد بن زبير جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته قوم کي شهيد ميجر سعد بن زبير جي لازوال قرباني تي ناز آهي ۽ هن جهڙا بهادر پٽ قوم جو سرمايو آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد هميشه زنده رهندو آهي ۽ ميجر شهيد سعد بن زبير هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو . واضع رهي ته ميجر سعد بن زبير ڪجهه ڏينهن اڳ زوب جي علائقي سمبازه ۾ شهيد ٿيو هو.