اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران وفاقي وزير،  وزيراعظم کي ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.