اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي پاسپورٽ، نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. پنجاب جو قانون وارو وزير ملڪ صهيب احمد، ڪي پي ڪي جو سڌسماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف، سنڌ جو گهرو وزير ضياء الحسن لنجار، آزاد ڪشمير جو گهرو وزير، گلگت بلتستان جو گهرو وزير به اجلاس ۾ شريڪ هئا. سمورن صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي گهرو سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز زوم ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ ئي صفحي تي آهن. هن چيو ته صوبن جي مشاورت کان سواءِ فيصلو نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ صوبن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي سگهه کي وڌائڻ تي ٿيل اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي سطح تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مڪمل طريقي سان فعال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته وفاقي سطح تي ايف آءِ اي جي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ کي ڀرپور طريقي سان فعال ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نيشنل ۽ پراونشل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽرز جي قيام تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽرز جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ پراونشل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽرز جي قيام جو ڪم جاري آهي.