اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ لاکاڻي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي پوليس کي شاباش ڏني آهي. جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر بهادري سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ حملو ناڪام بڻايو. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڊيره غازي خان پوليس جي بهادرن اڳ ۾ به دليري سان خوارجي دهشگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو آهي. محسن نقوي چيو ته پنجاب پوليس انتهائي پروفيشنل انداز ۾ خوارجي دهشتگردن جي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائيندڙ پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيوته پنجاب پوليس جي بهادر ۽ پروفيشنل پٽن تي فخر آهي.