نيپئر -29 مارچ (اي پي پي)نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي 73 رنسن تان هارائي 3 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مارڪ چيمپيئن جي 132 رنسن جي طوفاني اننگز عيوض مقرره 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون. ڊيرل مچل ۽ ڊيبيو ڪندڙ محمد عباس 50-50 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان عرفان خان 3 وڪيٽون جڏهن ته حارث رئوف ۽ عاقف جاويد 2-2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان جي ٽيم گهربل هدف حاصل نه ڪري سگهي ۽ پوري ٽيم 44.1 اوور ۾ 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان بابراعظم 78 ۽ سلمان علي آغا 58 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن ته نيٿن سمٿ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. مارڪ چيمپين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.