نيپئر -29 مارچ (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 3 رانديگرن نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي. پي سي بي موجب ڊيبيو ڪندڙ رانديگرن ۾ فاسٽ بالر عاقف جاويد، محمد علي ۽ اوپنر بيٽسمين عثمان خان شامل آهن. ميچ کان اڳ ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيمه عثمان خان کي ڊيبيو ڪيپ ڏني. عاڪف جاويد کي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان محمد علي ڊيبيو ڪيپ ڏني.