اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم القدس مظلوم فلسطني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي .فلسطيني مسئلي جو منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطيني عوام کي خواهشن موجب موڪلڻ گهرجي. پاڪستان هميشه فلسطيني عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب يوم القدس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو آهي ته اهو ڏينهن مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام هميشه کان فلسطيني عوام جي حق خوداراديت ۽ آزادي جي مڪمل حمايت ڪندي آئي آهي ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. سينيٽ چيئر مين سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو فلسطيني عوام تي جاري ظلمن جي خاتمي لاءِ بهتر قدم کڻي. هن چيو ته فلسطين جو مسئلو منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطيني عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو انهن سان هر ممڪن سفارتي ۽ اخلاقي تعاون جاري رکندو. هن مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو فلسطينين لاءِ بهتر قدم کڻن ته جئين انهن کي خوداراديت وارو حق حاصل ٿي سگهي. چيئرمين چيو ته فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي ته جئين وچ اوڀر ۾ امن قائم ٿي سگهي. هن گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيل کي ان جي غير قانوي قدمن کان روڪڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪن ۽ فلسطيني عوام کي جائز حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.