اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته يوم القدس مظلوم فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي، غزه ۾ جاري اسرائيلي اڳرائي ۽ ڏاڍ انتهائي مذمت جوڳو آهي، عالمي برادري فلسطيني عوام تي جاري اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻي. يوم القدس جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته يوم القدس مظلوم فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي، غزه ۾ جاري اسرائيلي اڳرائي ۽ ڏاڍ انتهائي مذمت جوڳي آهي. عالمي برادري فلسطيني عوام تي جاري اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام فلسطينين جي خود اراديت واري حق ۽ آزادي جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي آزاد فلسطيني رياست جي قيام ۽ القدس الشريف کي ان جو گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي اصولي موقف تي قائم آهي. سردار اياز صادق چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطيني مسئلي جو منصفاڻو حل خطي ۾ پائيدار امن لاءِ اڻٽر آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ فلسطيني عوام تي اسرئيلي ڏاڍ خلاف متفقه قراردادون منظور ڪيون.