اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر کي هٿي ملندي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي، نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسن جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، ريئل اسٽيٽ، ريٽيل ۽ زراعت جهڙن شعبن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه چين ۾ بافورم دوران بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان معيشت کي بهتر بڻائڻ تي آهي ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جا قدم کنيا پيا وڃن، ان حوالي سان جلد ئي وزيراعظم طرفان اعلان متوقع آهي، ان قدم سان مينوفيڪچرنگ سيڪٽر کي هٿي ملندي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي دائري ڪار ۾ واڌ تي ڌيان ڏنو ويندو. ريئل اسٽيٽ، ريٽيل ۽ زراعت جهڙن شعبن کي ٽيڪس نظا ۾ شامل ڪيو ويندو، ٽيڪس بنيادن کي وڌائي مينيو فيڪچرنگ سيڪٽر تي غير ضروري ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو شعبو اڃان تائين ٽيڪس جو وڏو حصو ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير مهانگائي جي رجحانن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته مجموعي ۽ بنيادي مهانگائي جي سطح تي گهري نظر رکي پئي وڃي، هن سال دوران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان اقتصادي ترقي لاءِ حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اسان جو جاري ڪلينڊر سال ۾ پهريون چيني يو آن بانڊ جاري ڪرڻ جو ارادو آهي، يوان بانڊ جي ماليت 2 سئو کان 250 ملين ڊالرن جي وچ ۾ هوندي، بانڊ جو ڳاڻيٽو اهم نه پر فنڊنگ ذريعن سان ٻڌل آهي، انهن فنڊن جو استعمال موسمياتي تبديلي بابت منصوبن لاءِ ڪيو ويندو. هن چيو ته هن قدم جو مقصد آمريڪا، يورپ ۽ اسلامي سڪوڪ جي روايتي مارڪيٽن کان هٽي ڪري مالياتي ذريعن تي آڻڻو آهي. هي موزون وقت آهي ته پاڪستان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي ڪيپيٽل مارڪيٽ مان فائدو کڻي.