اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز هاڻوڪي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهائيندي جعفر ايڪسپريس واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته آسٽريلوي حڪومت بلوچستان ۾ مائننگ جي شعبي ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ ان حوالي سان منعقد ٿيندڙ منرلز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي قانون واري وزير خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته معيشت کي مستحڪم بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ملاقات ۾ انساني حقن ۽ انهن جي تحفظ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر قانون واري وزير جي انساني حقن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي حوالي سان اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ قانوني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي امڪانن ۽ عدالتي نظام جي حوالي سان قدمن تي غور ڪيو ويو.