رياض-28 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته 29 رمضان المبارڪ جي شام تي شوال جو چنڊ ڏٺو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سنت تي عمل ڪندي سمورن مسلمانن کي چنڊ ڏسڻ جي هدايت ڪئي ٿي وڃي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ان ڏينهن چنڊڏسڻيون ڪميٽيون چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪنديون.