تهران – 28 مارچ (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي صلاحڪار ڪمال خرازي چيو آهي ته ايران، آمريڪا سان ايٽمي معاملن تي سڌيءَ ريت ڳالهين لاءِ تيار آهي. ڪمال خرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انهن سڌيءَ ريت وارين ڳالهين ذريعي ڌريون هڪ ٻئي جو نظريو سمجهي سگهن ٿيون .هن چيو ته اهي خيال ان لاءِ پيش ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڪنهن مناسب فيصلي طرف وڌي سگهجي.