رياض-28 مارچ (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز دوم شاهي فرمان جاري ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب شاهي فرمان تحت شهزاده خالد بن بندر بن سلطان کي پرڏيهي وزارت جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي شاهي فرمان ذريعي ميجر جنرل صالح بن عبدالرحمان بن سمير الحربي کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي ملٽري اوزارن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.