گڏيل قومون -28 مارچ(اي پي پي) گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام ( ڊبليو ايف پي) خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ رڳو هڪ هفتي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان باقي بچيو آهي اتي موجود لکين ماڻهن کي خوراڪ جي گهٽتائي ۽ بک جو شديد خطرو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان وٽ غزه ۾ اٽڪل پنج هزار 700 ٽن کاڌي پيتي جو سامان بچيو آهي جيڪو وڌ کان وڌ اسان وٽ ٻن هفتن لاءِ آهي . واضح رهي ته اسرائيل جنگ بندي جي وقفي کانپوءِ هڪ هفتو اڳ کان غزه ۾ ٻيهر فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون آهن . گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل جي انهن نون حملن سبب رڳو ستن ڏينهن ۾ هڪ لک 42 هزار ماڻهون بي گهر ٿيا آهن. جڏهن ته گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ غزه ۾ امدادي سامان جي فراهمي بند به ٿي سگهي ٿي. خوراڪ جي عالمي اداري چيو آهي ته فوڊ سيڪيورٽي سان واڳيل ادارا ” وڌيڪ ٽن هفتن لاءِ کاڌي پيتي جي نئين سامان جي کيپ نٿا کڻي اچي سگهن. بيان موجب غزه ۾ موجود 10 لک ماڻهن کي بک ۽ غذائي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ڇو ته امدادي سامان کڻي اچڻ جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. اسرائيلي فوجي سرگرمين سبب نه رڳو غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي پر امدادي ڪم ڪندڙ عملي جون حياتيون به خطري ۾ آهن.