مرمانسڪ – 28 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آھي ته يوڪرين ۾ جنگ روس شروع نه ڪئي ھئي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق روس جي بحريه جي ياسين-ايم ڪلاس (پروجيڪٽ 885ايم) جي ارخان گيلسڪ ايٽمي آبدوز تي مقرر فوجين سان ملاقات دوران روس جي صدر چيو ته يوڪرين ۾ تڪرار جي شروعات 2014ع ۾ يوڪرين حڪومت خلاف اولھه جي ملڪن جي حمايت هيٺ بغادت کانپوءِ شروع ٿي. ھن چيو ته نه روس ان بغاوت جو منصوبو بڻايو ۽ نه اتي ويڙهه جي شروعات ڪئي. ان بغاوت بعد يوڪرين جي ڏکڻ اوڀر ۾ ويڙهه شروع ٿيو. روس جي صدر زور ڀريو ته روس 8 سالن کان يوڪرين جي مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. روس جي صدر چيو ته منھنجي راءِ ۾ آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر خلوص دل سان يوڪرين تڪرار کي ختم ڪرڻ جي خواھش رکي ٿو. ھن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته روس يوڪرين جي تڪرار جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو.