نيويارڪ _ 28 مارچ (اي پي پي) آمريڪي ارب پتي بل گيٽس اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ مصنوعي ذهانت ۾ ترقي جو مطلب اهو ٿيندو ته سڄي دنيا ۾ اڪثر شين لاءِ انسانن جي ضرورت گهٽجي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني وضاحت ڪئي آهي ته هن وقت مهارت ۾ اڃان به گهٽتائي آهي. هن انساني ماهرن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان تي اسان هاڻي به ڪيترن شعبن تي دارومدار رکندا آهيون . انهن ماهرن ۾ سپر ڊاڪٽر ۽ سپر ٽيچر شامل آهن . بل گيٽس چيو ته مصنوعي ذهانت سان ايندڙ ڏهاڪي ۾ سڀ مفت ۽ عام ٿي ويندو. قيمتي طبي صلاحون ملنديون ۽ زبردست ٽيوشن جون سهولتون ميسر ٿي وينديون. ٻين لفظن ۾ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي جنهن کي بل گيٽس مفت ذهانت چيو آهي . هن چيو ته آرٽيفيشل ذهانت سان هلندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي ٿيندي جيڪا آساني سان رسائي جوڳي هوندي ۽ اسان جي زندگي جي اٽڪل هر رخ کي متاثر ڪندي . بل گيٽس وڌيڪ چيو ته بهتر دوائن ۽ سڃاڻپ کان وٺي وڏي پيماني تي اي آءِ ٽيوٽرز ۽ ورچوئل اسسٽنٽ دستياب هوندا. هن وڌيڪ چيو ته اهو خوفناڪ به آهي ڇو ته اهو ايترو جلد ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ڪا حد ناهي. ان بابت بحث جاري آهي اڪثر انسان آرٽيفيشل ذهانت سان هلندڙ مستقبل ۾ ڪهڙي طرح فٽ ٿيندا. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ انسانن کي مڪمل طورتي تبديل ڪرڻ بدران موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيندي . ان سان وڌيڪ ملازمتون پيدا ٿينديون.