گڏيل قومون- 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان، گڏيل قومن ۾ روس – يوڪرين تڪرار جي حل طرف سفارتي اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اميد آهي ته ڌريون پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ انهن سفارتي ڪوششن جن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن جي روڪٿام جي تازي محدود معاهدي تي روشني وڌي وئي جنهن بعد ڪاري سمنڊ ۾ محفوظ نيويگيشن کي يقيني بڻايو ويندو، کي ساراهيندي چيو ته اسان آمريڪا ۽ ان جي قيادت جي فعال مصروفيت کي ساراهيون ٿا، جنهن ۾ روس ۽ يوڪرين جي قيادت به شامل آهي. هن چيو ته اسان پراميد آهيون ته نوان متحرڪ قدم هڪ جامع ۽ مستقل جنگ بندي جو سبب بڻجندا. پاڪستاني سفير امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي به ساراهيو. پنهنجي رمارڪس ۾ سفير عاصم افتخار احمد يوڪرين جي تڪرار تي پاڪستاني موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان جا ٻنهي ڌرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اسان ڳالهين، سفارتڪاري، دشمني جي خاتمي ۽ ان تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سلامتي جا خدشا جيڪي ان تڪرار جا مرڪز آهن، رڳو هڪ جامع نقطه نظر ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ وسيع تر خطي ۾ امن جي پائيداري ۽ استحڪام کي يقيني بڻايو ويندو. انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته ان چئن سالن جي تڪرار سبب انساني مصيبتن ۽ بنيادي ڍانچي، معيشت ۽ معاشري کي وڏي پئماني تي نقصان پهچي رهيو آهي جنهن جا عالمي معيشت خاص ڪري اسرندڙ ملڪن تي وڏا اثر پئجي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ٻين تڪرارن وانگر ان تي پاڪستان جو موقف گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي پاسداري، عوام جي خود اراديت واري حق، رياستن جي خومختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام ۽ ڌمڪي يا طاقت جي استعمال سان علائقو حاصل نه ڪرڻ تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته چارٽر موجب رياستن کي عالمي معاهدن کي به لاڳو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي لاڳاپيل ذميوارين جي پابندي ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين رياستن جي جائز سيڪيورٽي مفادن جو جواب ڏيڻ گهرجي.پاڪستاني سفير سمورين ڌرين طرفان انهن اصولن جي مڪمل ۽ مستقل پابندي تي زور ڀريو. هن تڪراري علائقن ۾ انساني همدردي جي ڪارڪنن جي پهچ ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ٽيون جنيوا ڪنوينشن، جيڪو جنگي قيدين سان سلوڪ کي ڪنٽرول ڪري ٿو، سمورين ڌرين تي لاڳو ٿئي ٿو.