واشنگٽن – 27 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورين پرڏيھي گاڏين ۽ مني ٽرڪس جي آمدني واپار تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي ڪينيڊا جي وزيراعظم آمريڪي قدمن کي پنھنجي ملڪ تي سڌي ريت حملو قرار ڏنو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينھن وائيٽ ھائوس ۾ اعلان ڪندي چيو ته ٽيرف اھڙين پرڏيھي گاڏين لاءِ آھي جيڪي آمريڪا جي زمين تي تيار ناھن ٿينديون. اعلان وقت صدر ڊونلڊ ٽرمپ وضاحت به ڪئي ته اهو ٽيرف مستقل بنيادن تي ھوندو. ھن اھا وضاحت به ڪئي ته جيڪي پرڏيھي گاڏيون آمريڪا اندر تيار ٿينديون آهن انھن تي يقينن اھو ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. ٻئي پاسي پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ان تي شديد ردعمل جو اظھار ڪندي چيو ته آمريڪي صدر جو آٽو ٽيرف اسانجي ملڪ تي سڌي ريت حملو آھي. ھن چيو ته اسان پنھنجن ڪمپنين ۽ پنھنجي ملڪ جو دفاع ڪنداسين. جواب ۾ ڪنھن امڪاني قدمن جي حوالي سان هن چيو ته ان لاءِ ھو پھريان آمريڪي صدر جي ايگزيڪيوٽو آرڊ جي تفصيلن جو جائزو وٺندو. ان کان اڳ مارڪ ڪارني آمريڪي ٽيرف کان متاثر ٿيندڙ آٽو انڊسٽري لاءِ ھڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرن جي اسٽريٽيجڪ رسپانس فنڊ جو اعلان ڪيو ھو. ڪينيڊين وزيراعظم چيو ته آٽو انڊسٽري جو اسان جي اھم روانگي واپار ۾ ٻيون وڏو حصو آھي ۽ ڪينيڊا جا ھڪ لک ڪينيڊا جا شهري سڌي ريت ۽ پنج لک ان سان لاڳاپيل ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندا آھن.