نيپئر – 27 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي-20 اسڪواڊ جي 8 رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف ون ڊي اسڪواڊ کي نيپئر ۾ جوائن ڪري ورتو آهي. پي سي بي طرفان جاري بيان مطابق سلمان علي آغا، حارث رئوف، خوشدل شاه، عرفان خان نيازي، ابرار احمد، سفيان مقيم، محمد علي ۽ عثمان خان ون ڊي اسڪواڊ کي جوائن ڪيو آھي. ٽي-20 اسڪواڊ جا باقي 8 رانديگر نيوزيلينڊ کان دبئي رستي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندا. جن ۾ شاداب خان، شاھين شاهه آفريدي، عمير بن يوسف، حسن نواز، محمد حارث، عباس آفريدي، عبدالصمد ۽ جھانداد خان شامل آھن. حارث رئوف ۽ عثمان خان کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ٽي-20 سيريز ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي انتھائي خراب رهي ۽ قومي ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 4-1 تان شڪست کي منھن ڏيڻو پيو ھو. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پھرين ميچ 29 مارچ تي نيپئر ۾ کيڏي ويندي.