اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اي پي پي ايمپلائيز يونين جي چونڊن ۾ طارق چوڌري کي صدر، شمائله نورين ۽ سهيل اقبال چيما کي نائب صدر، محمد قاسم کي جنرل سيڪريٽري ۽ صنم جوڻيجو کي پريس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت اداري جي بهتري، ڪارڪنن جي ڀلائي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ موثر قدم کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. اي پي پي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نئين چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.