واشنگٽن – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توسيعي فنڊ سهولت تحت اسٽاف سطح جي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽينبلٽي فيسيلٽي تحت 28 مهينن جي مدي لاءِ هڪ نئون معاهدو طئي ٿيو آهي،جنهن تحت پاڪستان کي ان عرصي ۾ اٽڪل 1.3 ارب ڊالرن جي مدد حاصل ٿيندي. آءِ ايم ايف جي بيان موجب اداري جي ٽيم نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ فيبروري 24 کان 14 مارچ 2025ع تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ پاڪستاني عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جن جو مقصد توسيعي فنڊ سهولت تحت سهڪار ۽ آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽينبلٽي فيسيلٽي تحت نون معاهدن تي ڳالهيون ڪرڻ هو. ڳالهين جي پڄاڻي تي نيٿن پورٽر جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم 37 مهينن جي توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف سطح جي معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽينبلٽي فيسيلٽي تحت 28 مهينن لاءِ هڪ نئون معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن تحت پاڪستان کي ان عرصي ۾ اٽڪل 1.3 ڊالرز جي مدد حاصل ٿيندي. اسٽاف سطح جي معاهدي جي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کان پوءِ پاڪستان کي توسيعي سهولت فنڊ تحت اٽڪل هڪ ارب ڊالرز تائين رسائي حاصل ٿيندي، جنهن ۾ گڏيل طور تي پروگرام تحت 2 ارب ڊالرز جي معاونت دستياب ٿيندي.