اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني وسيلن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت ۾ اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي ڪارڪردگي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل بيورو آف اميگريشن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر او پي ايف، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪ ٽاڪ ايپ سميت او پي ايف جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. چوڌري سالڪ حسين او پي ايف کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ تي زور ڏيندي آفيسرن جي خدمتن جي معيار ۾ وڌيڪ بهتري جي هدايت ڪئي. هن چيئرمين سيد قمر رضا ۽ ايم ڊي افضال ڀٽي جي کنيل قدمن کي ساراهيو.