جده – 26 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حج معاملن سميت ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب سعودي وزير، مذهبي معاملن جو قلمدان سنڀالڻ تي سردار محمد يوسف کي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ حج پانڌيئڙن ۽عمره زائرين لاءِ سهولتن ۽ روڊ ٽو مڪه منصوبي جو دائرو پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سردار محمد يوسف پنهنجي سعودي هم منصب سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ تي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. سعودي عرب جي وزير چيو ته هر سال پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جو وڏو تعداد سعودي عرب ويندو آهي ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. سردار محمد يوسف سعودي هم منصب سان حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن جي مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون جنهن تي هن ترجيحي بنياد تي پاڪستاني حاجين لاءِ مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته حج پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ سعودي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي اڳ کان وڌيڪ سهڪار پيش ڪنداسين، بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪيترائي نوان قدم کنيا آهن. سردار محمد يوسف چيو ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ سعودي وزير جو ڌيان خوشي جو سبب آهي. ملاقات ۾ سعودي حج ۽ عمري واري نائب وزير ڊاڪٽر عبدالفتاح مشاط، پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو به شريڪ هئا.