اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ايسوسيئٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ايمپلائيز يونين اسلام آباد جي تازن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ صدر ۽ سينيئر صحافي طارق محمود چوڌري، نائب صدر شمائله نورين ۽ سهيل اقبال چيمه، جنرل سيڪريٽري محمد قاسم گجر، فنانس سيڪريٽري طاهر نديم، پريس سيڪريٽري صنم جوڻيجو سميت سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ڊپٽي چيئرمين سيدال خان نون چونڊيل عهديدارن کي سندن ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪارڪن اداري جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هنن چيو ته صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري لاءِ هڪ بنيادي ٿنڀ آهي ۽ آزاد، متحرڪ ۽ ذميواري ميڊيا ئي عوام کي صحيح ڄاڻ فراهم ڪرڻ سميت جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. هنن چيو ته اي پي پي جهڙي قومي خابرو اداري ۾ محنتي ۽ باصلاحيت ماڻهن جي قيادت اداري جي ترقي لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هنن چيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندي صحافي برادري جي حقن جو تحفط، مسئلن جي حل ۽ پيشيواراڻي بهتري لاءِ ڪم ڪندا. هنن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي بهتري لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي سوچ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جڏهن ته سينيٽ آف پاڪستان هميشه صحافين جي جائز حقن، انهن جي روزگار جي تحفظ، اظهار جي آزادي ۽ ڪم لاءِ بهتر ماحول جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي. چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته ميڊيا جي سمورن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو وڃي. هنن چيو ته اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نئين قيادت کي سمورن ڪارڪنن جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ هڪ اهڙو مضبوط، خودمختيار ۽ پروفيشنل ماحول قائم ڪرڻ هجي جيڪو صحافت جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي. آخر ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين نون چونڊيل عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي پنهنجا فرض ايمانداري، ديانتداري ۽ پيشيوراڻن اصولن موجب ادا ڪندا ۽ اداري جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا.